نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سم??ت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقات??ن پڻ ڪيون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪوروسي، گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خا?? معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ گڏ هئا.