ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل رليف ڪميٽيءَ جو وف??قي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، مڪا??ي کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فلاحي ادارن جي اڳواڻن ظفر عباس، صارم برني ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پاڻي وسيلن واري وف??قي وزير خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ته شهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي گيسٽرو ۽ مليريا کان محفوظ رک?? لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته فلاحي ادارن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ مڪا??ي کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٻُڌايو ته شهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو تاثر غلط آهي ته زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو پنهنجو ڳوٺ پڻ شديد متاثر ٿيو آهي، آبپاشي کاتي کي پاڻيءَ جي نيڪالي جي ذميداري ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهري آبادين کان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن پاڻيءَ جي نيڪالي وارو ڪم ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اي?? ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪا امداد پاڪستان کي ملي رهي آهي اها اي?? ڊي ايم اي ۽ وف??ق حوالي ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ صوبائي نمائندگي پڻ موجود هوندي آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ بابت آگاهي ڏيندي چيو ته منڇر مان پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ ٿي 117 فوٽ رهجي ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين 210 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي حڪومت طرفان اعلان ڪيل رقم ڏني وئي آهي، ٻوڏ سبب 432852 چوپايو مال مري ويو آهي.