بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن گڏي?? وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون جنهن جو مقصد ٻط??فن رابطن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي انڊونيشين هم منصب ريتنو مارسودي بالي ۾ ملاقات دوران دستاويزن تي صحيحون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻط??فن لاڳاپن جو جائزو ورتو، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفا?? ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوڪ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي طريقيڪار جي ذريعي گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه وڌائڻ تي اتفا?? ڪيو جنهن جا ٺوس نتيجا نڪرندا.