اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فصلن جي ان??و??نس کي ملڪ ۾ غذائي تحفظ سان گڏوگڏ آبادگارن جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري قرار ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي زرعي شعبي ۾ ان??و??نس ڪوريج جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ فصلن جي ان??و??نس جو ڪاٿو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به فصلن جي ان??و??نس جي ڪوريج اٽڪل 4 کان 5 سيڪڙو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي ان??و??نس محتسب (ايف آئي او) جي اهتمام هيٺ فصلن جي ان??و??نس بابت هڪ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيا گرديزي، وفاقي ان??و??نس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فصلن جي ان??و??نس ۽ ان سان لاڳاپيل معامل?? کي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگرد?? کي فصلن جي ان??و??نس جي اهميت، رسڪ مئنيجمينٽ ۽ فصلن جي جيتن جي حملي، سوڪهڙي ۽ ان??اني ساختا يا قدرتي آفتن جي ڪري پهچندڙ نقصانن کان آبادگار?? کي بچائڻ بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميش?? کي ان سلسلي ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي ۽ سمورين لاڳاپيل ڌري?? کي ان نصاب کي تيار ۽ لاڳو ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته پولٽري پاڪستان ۾ هڪ ترقي يافته شعبو آهي ۽ اهڙن باضابطا شعب?? کي ان??و??نس اسڪيمن ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ان??و??نس مصنوعات متعارف ڪرائڻ گهرجن ۽ لاڳاپيل آبادي جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي ان??و??نس جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪري پنهنجي صنعت جي ممڪن نقصانن کان تحفظ فرهام ڪن. صدر زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن جي لاءِ جيڪڏهن گهٽ کان گهٽ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي پر وڌ کان وڌ فائدا حاصل ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جديد آبادگاري ۽ چوپايو مال پالڻ جي مهارت?? کي اختيار ڪرڻ سان پيداوار جي موجوده سطح کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان نه رڳو ملڪ کي خوراڪ جي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر هو زرعي مصنوعات کي دنيا جي ٻين حصن ۾ برآمد ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. صدر چيو ته سمورين ان??و??نس ڪمپنين ۽ ڌري?? کي گهرجي ته اهي سمورن ميڊيا جي ذريعن جي ذريعي هڪ ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪن ته جيئن لاڳاپيل عوام کي مصنواعت جاري ڪرڻ کان اڳ انهن جي مصنوعات، فائدن ۽ ان سان واڳيل خطرن بابت آگاهي ملي سگهي ۽ اهي ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي سگهن. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي ۽ ا?? کي پاڻي جي کوٽ، گليشيئرز جي پگهڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي جهڙن بحران?? کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته انهن مسئل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪ کي هڪ ٺوس ۽ سوچي سمجهي خاتمي ۽ موافقت جي پاليسي ۽ لاڳو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار جي ذريعي کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪ?? ملڪ ۾ فصلن جي مجموعي صورتحال کي ڏسي رهي آهي ۽ ان??و??نس پورٽ فوليو ۾ غيرروايتي فصلن ۽ چوپائي مال کي شامل ڪرڻ سميت آبادگارن جي سهولت لاءِ صارف دوست مصنوعات تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته اي ڊي بي متاثر آبادگار?? کي پاليسي تي ٻڌل قرض ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون سان فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ 10 ملين ڊالر جي گرانٽ قائم ڪئي آهي. هن چيو ته بئنڪ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ فصلن جي ان??و??نس کي به شامل ڪندي ته جيئن بحراني حالتن ۾ ڪمزور آبادگارن جو تحفظ ڪري سگهجي. قومي ان??و??نس ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 40 ملين رپين جي شروعاتي رقم سان گڏ هڪ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊ ڪيل زمين جي سروي ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قدرتي يا ان??اني ساختا آفتن يا جيتن جي حملي جي ڪري فصلن جي پيداوار معمول کان 80 سيڪڙو کان گهٽ ٿئي ته لاڳاپيل آبادگارن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ان قدم کي ساراهيو ۽ ان پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ ڌري?? کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته لاڳاپيل عالمي ايجنسين وٽ ڪيترائي ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ فنڊز موجود آهن ج?? کي فصلن جي ان??و??نس جي منصوبن طرف موڙڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌري?? کي عالمي / علائقائي سطح تي اهڙن فنڊز جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ۽ وقف ٿيل کاتا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ انه?? کي فصلن جي ان??و??نس بابت پنهنجي مصنوعات طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر سڄي ملڪ ۾ فصلن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪريٽريٽ سان گڏ قومي سطح تي هڪ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي خيال کي پڻ ساراهيو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي ماضي جي تجرب?? کي نظر ۾ رکندي فصلن جي ان??و??نس جي حوالي سان هڪ قومي پاليسي تيار ڪن.