اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان موثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائ?? ڪرڻ جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراه?? ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سين??رز جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائ?? ڪرڻ جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراه?? ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان ورڪشاپ جو مقصد ميڊيا جي نمائندن کي رياست جي مفادن بابت آگھاهي ۽ موقف فراه?? ڪرڻ آهي ڇو ته موجوده دور ۾ خبرن جي صداقت ۽ جعلي خبرون وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ميڊا رياست جو چو??ون ٿنڀ آهي ۽ ان جو ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته سڄي ملڪ ۾ اسلام آباد سميت 7 مرڪزن ۾ صحافين جي لاءِ پاڪستان انفارميشن سين??رز ۾ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ پاڪستان انفارميشن سين??رز جي ڊائريڪٽر محمد صغير احمد پاڪستان انفارميشن سين??رز جي اهتمام هيٺ جاري ورڪشاپس ۽ پي آئي سي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي تربيت فراهم ڪئي وئي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران هلندڙ مهيني 7 شهرن ۾ اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن.