اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا بيان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ??اڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان جي خلاف تازن بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوال?? جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪري ٿو. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت مظلوميت جو فرضي داستان ۽ پاڪستان مخالف پروپئگنڊه جي ذريعي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي مهم ۾ مصروف آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. مسلسل پاڪستان مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ڀارت جي ??ڪ جي ??ڪائي سان ملوث هجڻ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي پڙدو وجهي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته ٻين تي آ??ري??ن کڻڻ بدران ڀارت پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسو??ي ۾ ملوث ٿيڻ جو سلسلو بند ڪري. رڳو ڪجهه هفتا اڳ هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا جيڪي 2021ع ۾ لاهور جي ??ڪ پرامن پاڙي ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حمل?? ۾ ??ارت جي ??لوث هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. 2007ع جي سمجهوتا ايڪسپريس سانح?? ۾ ??ارتي سرزمين تي 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين جي ??ارجڻ کان وٺي 2016ع ۾ ڀارتي بحريه جي حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي ??اڪستان جي اندران گرفتاري تائين، دهشتگردي ۽ تخريبڪار?? ۾ ??ارت جي ??لوث هجڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن.