جنيوا – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي م??ام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي ??رقي سان گڏوگڏ پاڪستان ڪمزورن ۽ مظلومن جو آواز بڻجي ??هندو، انساني حقن جي ??المي پڌرنامي ۽ نسلي امتياز تي عالمي ڪنوينشن جي مسودي کان وٺي هيومن رائيٽس ڪائونسل جي قيام تائين، پاڪستان ڪمزورن ۽ مطلومن جو سرگرم آواز آهي ۽ رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن جي چوٿين يونيورسل پيريوڊڪ ريويو ۾ ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان گهڻ رخي جي پرجوش حامي طور انساني حقن جي ??المي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مستقل طور تي ڳالهه ٻولهه، اتفاق راءِ، تعاون ۽ گڏيل احترام کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اس??ن جي ملڪ جي ??نساني حقن جي ??رقي مجموعي طور تي مٿي وڃي رهي آهي، اسان هڪ ترقي پسند معاشري جي ??واهش جاري رکي آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪست??ن جي چوٿين ??وم?? يو پي آر پورٽ سمورين ڌرين تي ٻڌل مشاورتي عمل جي ??ريعي تيار ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته تنقيدي طور تي هي رپورٽ ملڪ جي UPR 2017 کان ايندڙ سفارشن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ گذريل 5 سالن دوران ??ن جي وسيع ڪوششن جو نتيجو آهي، انهن سفارشن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سمورين صوبائي ڌرين، سول سوسائٽي ۽ تعليمي ادارن سان ويجهي مشاورت ئي، اسان ڪجهه شعبن ۾ بين الاقوامي بهترين طريقن مان پڻ فائدو کنيو. هن چيو ته آئون انهن سمورن ماڻهن جا ٿورا مڃان ٿي جن ان ??وم?? ڪوششن ۾ تعاون ڪيو. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ??ئين موجب پاڪستان جي ??مهوري طرز حڪمراني جو ڍانچو انساني حقن جي محافظ طور مضبوط ٿيندو پيو وڃي جيڪو هڪ آزاد عدليه، مضبوط پارلياماني روايتن ۽ آزاد ميڊيا جي ??ڪل ۾ نظر اچي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان کي پنهنجي متحرڪ سول سوسائٽي تي فخر آهي. اسان جي ??زاد عدليه ۽ قانوني برادري سان گڏ سول سوسائٽي عوامي بيداري وڌائڻ ۽ شموليت، احتساب ۽ شفافيت بابت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انساني حقن جي ??حترام کي فروغ ڏيڻ ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پاڪستان جي ??زادي جي ??حريڪ بنيادي انساني حقن، خودمختياري ۽ ماڻهن جي لاءِ بنيادي آزادين جي ??حفظ جي لاءِ هڪ آئيني جدوجهد هئي. هن وڌيڪ چيو ته ان تاريخي تجربي پاڪستان جي ??ئين ۽ اس??ن جي قانوني ۽ عدالتي نظام جي ??وڙجڪ جي ??مل ۾ رهنمائي فراهم ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته برابري، انساني وقار ۽ پنهنجي ??رز زندگي جي چونڊ جي ??ق جي ??سلامي تعليم انساني حقن بابت اسان جي ??المي نظرئي جي ??هنمائي ڪئي آهي. انساني حقن جي ??المي اصولن ۽ ادارن جي ??عمير ۾ اسان جي ??صيداري به انهن نظرين کان متاثر آهي. هن چيو ته انساني حقن واري ڪائونسل جي ميمبر ۽ جنيوا ۾ او آءِ سي جي ??نساني حقن بابت ڪوآرڊينيٽر طور اسان انساني حقن جي ڪيترن ئي مسئلن ۽ گڏيل ڳڻتي جي ??التن تي سياسي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان انساني حقن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ائين ڪندا رهنداسين. مملڪتي وزير چيو ته هر ملڪ وٽ منفرد چئلينجز ۽ ماحول هوندو آهي جنهن سان ان کي انساني حقن جي مقصد جي پيروي ڪندي منهن ڏيڻ گهرجي. تنهن ڪري ڪنهن به رياست جي ??نساني حقن جي ??ڪارڊ کي وسيع تر سماجي، اقتصادي ۽ علائقائي تناظر کي سمجهي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ ڪيترن ئي ٻين اسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان به ڪوويڊ وبا، عالمي مالياتي بحران ۽ اسان جي ??طي ۽ ان کان ٻاهر جي پراڻي تڪرارن جي نتيجي ۾ ايندڙ بحرانن کان بري طرح متاثر ٿيو آهي. ان سان گڏ گذريل گرمي جي موسم ۾ اسان هن صديءَ جي ??ڀ کان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو پڻ شڪار ٿياسين، ان سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، هزارين زخمي يا فوت ٿيا، 8 ملين بي گهر ٿيا، 2 ملين گهر، 1.8 ملين هيڪٽر فصل، 14000 ڪلوميٽر رستا، 18000 اسڪول ۽ 5000 ڪلينڪس جزوي يا تباهه ٿي ويا. مملڪتي وزير چيو ته اسان پنهنجي ماڻهن جي ??ندگين ۽ روزگار جي ??ريعن جي ??حالي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون ۽ پنهنجي ??المي حصيدارين جي ??عاون سان انهن محاذن تي هڪ لچڪدار بحالي جي لاءِ پرعزم آهيون. مملڪتي وزير سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ??ريعي ڦهلائيندڙ غلط معلومات ۽ نفرت انگيزي جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان کي خوشي آهي ته گڏيل ??وم?? جي ??نرل اسيمبلي ۾ غلط معلومات جي ??اتمي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ پهل جي ??روعات ڪئي آهي. حنا رباني کر وڌيڪ چيو ته حڪومت اداراجاتي، قانوني ۽ پاليسي قدمن جي ??ريعي انساني حقن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن، اداراجاتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ حڪومت انساني حقن بابت موجوده ڍانچي جي ??لاحيت کي وڌايو آهي ۽ نئون ڍانچو قائم ڪيو آهي. انساني حقن واري وزارت صوبائي ڌرين سان موثر هم آهنگي جي لاءِ پنهنجي ??لائقائي انساني حقن جي ڊائريڪٽوريٽ کي اپ گريڊ ڪيو آهي. انساني حقن جي ??ڪايتن جي ??زالي ۽ ريفرل جي لاءِ انساني حقن واري وزارت تحت وفاقي ۽ صوبائي ڊائريڪٽوريٽ ۾ شڪايت سيل قائم ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان انساني حقن جي ??المي ڪنوينشنز کي لاڳو ڪرڻ کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪي مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان هڪ رياستي ڌر آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي موجوده ٽريٽي امپليمينٽيشن سيلز (TIC) کانسواءِ حڪومت گڏيل ??وم?? جي ??هنما رخن ۽ سٺن طريقن جي ??نياد تي نيشنل مڪينزم فار رپورٽنگ اينڊ فالپ اپ پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته انساني حقن واري وزارت هڪ انساني حق انفارميشن مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو آهي، جنهن ملڪ ۾ انساني حقن جي ??جحانن باتب ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ تجزيو ڪرڻ کي اداراجاتي شڪل ڏني آهي. اسان انساني حقن جي ??وم?? ادارن جي ??هميت کان چڱي ريت واقف آهيون ۽ انساني حقن، عورتن ۽ ٻارن بابت ??وم?? ڪميشنن جي ??لاحيتن ۽ خودمختياري کي مضبوط ڪيو آهي. اسان انهن ڪميشنن جي ??وصلا افزائي ڪري رهيا آهيون ته اهي گلوبل الائنس آف نيشنل هيومن رائيٽس انسٽيٽيوشنز سان ايڪريڊيٽيشن جي ??مل کي تيز ڪن. وڌيڪ اهو ته اسان چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ، ٽرانس جينڊر پروٽيڪشن سينٽر ۽ بزرگ شهرين جي لاءِ هڪ ڪائونسل قائم ڪئي آهي. اهي ادارا ڪمزور حالتن ۾ ٻارن، کدڙن فقيرن ۽ بزرگ ماڻهن کي پناهه، طبي سارسنڀال ۽ نفسياتي سماجي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي ليس آهن. مملڪتي وزير چيو ته گذريل 5 سالن ۾ پاڪستان پنهنجي ??المي انساني حقن جي ??ميوارين موجب ترقي پسند قانونسازي ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪمزور ۽ غريب ماڻهن جي ??نيادي حقن ۽ آزادين تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. گذريل سال اسان ڪم جي ??ڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي ??لاف تحفظ ايڪٽ 2010ع ۾ ترميمڪ ئي. اس??ن جي پارليامينٽ لڄالٽ جي ??اتمي جي ??يڪٽ 2021ع ۽ انفورسمينٽ وومينز پراپرٽي رائيٽس ايڪٽ 2020ع کي پڻ لاڳو ڪيو ته جيئن لڄالٽ جي لعنت جي ??اتمي ۽ عورتن کي انهن جي ملڪيتن جي ??قن کان محروم ڪرڻ جي ??لاف قانوني رڪاوٽ پيدا ڪري سگهجي. مملڪتي وزير چيو ته سمورين صوبائي هاءِ ڪورٽس صنفي بنياد تي تشدد جون عدالتون قائم ڪيون آهن. سڄي پاڪستان ۾ هيلپ لائينز ۽ عورتن جون پوليس اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اس??ن جي پارليامينٽ 2018ع ۾ کدڙن فقيرن جي ??قن بابت سڀ کان وڌيڪت رقي پسند قانونن مان هڪ لاڳو ڪيو، 2020ع ۾ خصوصي ماڻهن جي ??قن جي ڪنوينشن موجب معزور ماڻهن جي ??قن جي ??حفظ جو قانون ۽ 2022ع ۾ بزرگ شهرين سان امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي لاءِ آءِ سي ٽي سينٽر سٽيزن ايڪٽ منظور ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته ٻارن جي ??قن جو تحفظ به پاڪست??ن جي ??وم?? ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. 2020ع ۾ زينب الرٽ، ريسپانس ۽ ريڪوري ايڪٽ قانونسازي ڪئي وئي. ??ن جي فالو اپ ۾ گم ٿيل ٻارن جي ??طلاع ڏيڻ جي لاءِ هڪ الرٽ سسٽم شروع ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ چائيلڊ ليبر تي پابندي جو قانون اڳ ۾ ئي لاڳو آهي. سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ انساني وسيلن جي ??رقي چائيلڊ ليبر سيل کي آءِ ايل او جي فني مدد سان اتفاق راءِ تي ٻڌل ??وم?? ايڪشن پلان کي ٺوس ڪيو آهي. اسان تازو ئي انساني اسمگلنگ تي گڏيل ??وم?? جي ڪنوينشن جي ??ختياري پروٽوڪول جي ??وثيق ڪئي آهي. اسان 2018ع ۾ ماڻهن جي ??سمگلنگ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ??سمگلنگ بابت ٻه جدا جدا قانون منظور ڪيا آهن. انهن قانون جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ انساني اسمگلنگ جي 1000 کان وڌيڪ جاچ ٿي چڪيون آهن ۽ 161 کي سزائون ڏنيون ويون آهن. مملڪتي وزير چيو ته پاڪست??ن جو آئين پنهنجي ??رٽيڪل 3 ۽ 25 ۾ بنا فرق جي هر ڪنهن جي لاءِ برابري جي ??ق جي ??مانت ڏي ٿو، جنهن ۾ عبادتگاهن ۾ وڃڻ جي ??نيادي آزادي پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مذهبي اقليتن سان تعقل رکندڙ ماڻهو پاڪست??ن جا برابر شهري آهي ۽ هڪ ذميوار رياست طور اسان انهن جي ??نيادي حقن ۽ آزادين جي ??حفظ ۽ فروغ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت رپورٽ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي جي ??لاف فوري ڪارروائي ڪئي آهي. اها عوامي رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته توهين مذهب جي قانون تحت غيرمسلمانن کان وڌيڪ مسلمانن تي فرد جرم هنئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت توهين مذهب جي قانونن جي ??لط استعمال کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي انتظام ڪيا آهن. مثال طور پاڪستان پينل ڪوڊ جي ??ق 211 ڪنهن اهڙي شخص خلاف سزا جو تعين ڪري ٿي جيڪو ڄاڻي واڻي ڪوڙا الزام هڻي ٿو. هن چيو ته اسان ترقياتي اسڪيمن ۽ اقليتن جي مذهبي جاين جي ??ارسنڀال جي لاءِ هڪ اقليتي ڀلائي فنڊ قائم ڪيو آهي. اسان ميرٽ تي اقليتي برادرين جي ??اگردن کي مالي امداد ۽ اسڪالرشپ فراهم ڪري رهيا آهيون، روزگار کان وٺي پارليامينٽ ۾ نمائندگي تائين عوامي زندگي جي ??مورن شعبن ۾ اقليتن جي ??رڪت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مثبت قدم پڻ جاري رکيا آهن. هن چيو ته اس??ن جو ملڪي قانون ذاتي ۽ خانداني م??ام??ن ۾ اقليتن جي ??سم ۽ رواج ۽ طريقن کي مڪمل قانوني ڪوريج فراهم ڪري ٿو. جبري طور تي مذهبي جي ??بديلي ۽ شادين کي روڪڻ جي لاءِ شادي جي ??جسٽريشن ۾ مناسب چيڪ اينڊ بيلنس شامل ڪيو ويو آهي. اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته هڪ مضبوط فوجداري انصاف جو نظام جيڪو ??وم?? حالتن موجب آهي ۽ شهري ۽ سياسي حقن سان هم آهنگي آهي، انساني حقن جي ??حفظ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته تشدد کي روڪڻ ۽ منصفاڻو ٽرائل ۽ مناسب عمل جي ??قن جي ??حفظ جي لاءِ حڪومت 2022ع ۾ ٽارچر اينڊ ڪسٽوڊيل ڊيٿ ايڪٽ لاڳو ڪيو آهي. نابالغن جي ڪيسن کي انساني حقن جي ??وابده انداز ۾ اڪلائڻ جي لاءِ مملڪتي وزير چيو ته جووينائل جسٽس سسٽم ايڪٽ 2018ع ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. اها تفصيلي قانونسازي مبينا ڏوهاري جي ??مر جي ??صديق جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙي ٿي، جنهن ۾ قانوني معاونت جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ نو??ن جيل ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن گنجائش کي وڌائي سگهجي. قيد جي متبادل جي ??وصلا افزائي ڪندي صوبا ڏوهارين جي ??طرن ۽ ضرورتن جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي پيرول قانونن ۾ پڻ ترميم ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ عورت قيدين جي ??ورتحال بابت هڪ تفصيلي مطالعو پڻ مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي مشورو ڏنو آهي ته عالمي معيارن ۽ بهترين طرز عمل کي جيل جي ??نتظام دوران لاڳو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته گذريل يو پي آر دوران منظور ڪيل سفارشن موجب هڪ مسودو بل جيڪو جبري گمشدگين کي هڪ جدا ڏوهه قرار ڏي ٿو، پارلياماني طريقيڪار مان گذري رهيو آهي، اسان ان ڪڌي ڏوهه جي ??لاف عدم برداشت جي واضح پاليسي رکون ٿا. جبري گمشدگين تي انڪوائري ڪميشن تيزي سان گم ٿيل ماڻهن جي مبينا ڪيسن جي ??اچ ڪري ٿو ۽ انهن کي حل ڪري ٿو. مملڪتي وزير چيو ته ڪميشن جي ڪيسز کي اڪلائڻ جي مجموعي شرح 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جيڪو تمام حوصلي افزا آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ انتهائي چئلينجنگ علائقائي ماحول جي ڪري سلامتي جا خطرا درپيش آهن. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان موت جي ??زا تي پابندي هڻي رکي هئي، جڏهن ته 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول (پشاور) تي هولناڪ دهشتگرد حملي کانپوءِ اها پابندي هٽائي وئي هئي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته موت جي ??زا جو اطلاق رڳو سنگين ڏوهن ۾ قانون جي مناسب عمل جي مڪمل تعميل ڪندي ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊسمبر 2019ع کانپوءِ کان وٺي ڪا ڦاهي ناهي ڏني وئي ۽ 2010ع کان 2018ع جي وچ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ تاريخي فيصلي ۾ نفسياتي سماجي معذوري واري مدعي جي لاءِ اهم خدشا قائم ڪيا. آءِ سي سي پي آر موجب عدالت ذهني طور معذور ماڻهن کي ڦاهي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته موت جي ??زا جي ??ائري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان نئين آبادياتي دور جي قانونن جو اندروني طور تي جائزو وٺي رهيو آهي. ??ن جائزي جي نتيجي ۾ اسان آڪٽوبر 2022ع ۾ ريلوي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي جنهن سان ريلوي نيٽ ورڪ کي نشانو بڻائيندڙ تخريبڪاري جي ڪاررواين جي لاءِ موت جي ??زا کي عمر قيد تائين گهٽ ڪيو ويو. هن چيو ته اسان راءِ ۽ اظهار جي ??زادي کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. ان مقصد جي لاءِ 2021ع ۾ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي ??حفظ جو تاريخي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، ايڪٽ جي پيروي ۾ هڪ ڪميشن جوڙي پئي وڃي، جيڪا صحافين کي هراسان ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ جسماني حملي جي م??ام??ن ۾ شڪايت جي ??زالي جي پليٽ فارم طور ڪم ڪندي. معلومات تائين ماڻهن جي ??ئيني حق کي بامعنيٰ طور فعال ڪرڻ جي لاءِ مملڪتي وزير چيو ته حڪومت پاڪستان انفارميشن ڪميشن کي هڪ خودمختياري اداري طور نمايان طور تي بااختيار بڻايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪست??ن جو آئين پرامن ميڙ جي ??زادي جي ??مانت ڏي ٿو ۽ عوام ان حق مان لطف اندوز ٿيندي رهي آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي حقن بشمول ترقي جي ??ق کي پنهنجي ??وم?? انساني حقن ۽ پائيدار ترقي جي ??رجيحن جو هڪ اهم نقطو سمجهي ٿو. ان موجب اسان غربت جي ??اتمي، اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ ۽ مناسب معيار زندگي فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاليسي ۽ اداراجاتي قدم کنيا آهن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اسان جي ??هرين جي ??ماجي ۽ معاشي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ڪوويڊ جي ڏس ۾ پروگرام آبادي جي ??ڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي کي پئماني ۽ رفتار سان مدد ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پهچ جو نظام فراهم ڪيو. اٽڪل 15 ملين فائدو کڻندڙن کي اٽڪل 180 بلين رپين جي ??قم ايمرجنسي ڪيش ۾ ورهائي وئي، جنهن ۾ اقليتن، عورتن ۽ ٽرانس جينڊر ماڻهن تي ڌيان ڏنو ويو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪست??ن جنسي ۽ توليدي صحت تائين عالمي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ نيشنل پاپوليشن ايڪشن پلان پڻ تيار ڪيو آهي جنهن ۾ گهڻ رخا قدم جهڙوڪ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي ??حت جي ??هولتن جي وچ ۾ حصيداري قائم ڪئي وئي آهي. ٻارن جي ??ذائي کوٽ سان وڙهڻ جي لاءِ هڪ نئين ملڪ گير مهم گذريل سال کان زورن تي آهي. اسان بي گهر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي ??يلٽر پروگرام جي ڪوريج کي وڌائي ڇڏيو آهي، بي گهر ۽ غريبن جي لاءِ کاڌي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ ??وم?? تعليمي پاليسي فريم ورڪ 2018ع ۾ تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن همه گير ۽ معياري تعليم تائين سڀني جي ??رابر پهچ جي ??فتار کي تيز ڪري سگهجي. ان تي عملدرآمد جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن واري ڪائونسل هڪف عال ميمبر طور پاڪستان گڏيل ??وم?? جي ??نساني حقن جي مشينري سان تعميري رابطي ۽ تعاون تي يقين رکي ٿو ۽ باقاعدگي سان لاڳاپيل فورمز کي عالمي انساني حقن جي ڪنوينشنز جي لاڳو ڪرڻجي ??ورتحال بابت رپورٽ ڪري ٿو، گڏيل ??وم?? جي ڪنوينشن جي ڪميٽي ان شعبي ۾ پاڪست??ن جي ??وم?? ڪوششن کي تسليم ڪيو. هن چيو ته اسان انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي ??فيس کي مسلسل سياسي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل ??وم?? جي ??زاد انساني حقن جي ماهرن پاران موڪليل مواصلات جو باقاعده جواب ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عالمي انساني حقن جي پليٽ فارمز تي پاڪستان رابطن جي فروغ ۽ اتفاق راءِ، تعميري مشغوليت ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکندو. مملڪتي وزير پاڪستان جي ??ائزي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ارجنٽينا، گيمبيا ۽ نيپال جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته 15 سال اڳ پنهنجي قيام کانپوءِ کان يو پي آر مڪينزم مصروفيت ۽ مڪالمي جي لاءِ هڪ ٺوس پليٽ فارم طور ڪم ڪيو آهي ۽ انساني حقن جي فروغ ۾ ٺوس اڳڀرائي جي ??وصلا افزائي ڪئي آهي.