ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي خاص طور تي روزگار جا مو??عا پيدا ڪرڻ ۾ عورتن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ڪاروبار سان واڳيل عورتون نه رڳو پنهنجي لاءِ پر ٻين عورتن جي لاءِ پڻ روزگار جي فراهمي ۽ افرادي قوت ۾ صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان گيريزن ۾ ٽن ڏينهن واري بليو فيئر ٽريڊ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. اها نمائش وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ملتان جي اهتمام هيٺ منعقد ڪئي پئي وڃي ۽ ان ۾ دستڪاري، ڪپڙن، ٻارن جي ڪپڙن، زيورن، فرنيچر، ڪاسميٽڪس، جوتن خاص طور تي ملتاني کُسي، ڪاٺ جي سامان ۽ کاڌي جا اسٽالز لڳايا ويا آهن. هن سال يونيورسٽي جي شاگردن پاران هٿ جي هُنرن جي اسٽالن سميت ايڪسپو ۾ 100 کان وڌيڪ اسٽالز لڳايا ويا آهن. بليو فيئر ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب مان عورت ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪري رهيون آهن. افتتاحي تقريب ک?? خطاب ڪندي ثمينه عارف علوي ملتان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران عورتن کي معاشي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي ساراهيندي چيو ته هي عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ سياسي ۽ سماجي اهميت واري معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو پليٽ فارم ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فيشن شوز ۽ نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جا طريقا آهن ڇو ته اهي سرگرميون روايتي ۽ جديد دستڪاري، ڪپڙن ۽ روزاني جي استعمال جي شين جي نمائش جا مو??عا فراهم ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جون نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ انهن کي نيٽ ورڪنگ ۽ رابطي جي ترقي جا مو??عا پڻ فراهم ڪن ٿيون. بيگم ثمينه عارف علوي ٻڌايو ته دماغي صحت جي مسئلن جي لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هوءَ پاڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهي آهي. بليو فيئر جي سفير ۽ ڊبليو سي سي آئي جي اڳوڻي صدر فاطمه فضل چيو ته ڏکڻ پنجاب تخليقي صلاحيتن، فن ۽ دستڪارن جو مرڪز آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملتان ۾ ايڪسپو سينٽر ڏکڻ پنجاب جي عورت واپارين جي لاءِ مو??عا کوليندو. ڊبليو سي سي آئي جي سرپرست اعليٰ فرخ مختار پنهنج?? خطاب ۾ چيمبر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي خاتون اول مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي ڪاريگرن جي محنت ?? چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو.