اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن جي دوري ت?? هنگري پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هنگري ۾ پا??ست??ن جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ هنگري جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي پرڏيهي وزير پا??ست??ن ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون جي ياداشتن تي صحيح??ن پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير هنگري جي سفيرن جي سالياني ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري پا??ست??ن ۾ ڪم ڪندڙ هنگري جي ڪمپنين جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو. اهو ڪنهن به پا??ست??ني پرڏيهي وزير پاران هنگري جو پهريون سرڪاري دورو آهي.