لاهور – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان کي ??نيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ??يصلاسازي جي عمل کي ??يز ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو ٻار انٽرميڊيئٽ کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا جڏهن ته 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 70ج ي ڏهاڪي کان اعليٰ تعليم يافته طبقو پاڪستان کان ٻاهر وڃي رهيو آهي جيڪو فڪر جو لمحو آهي، دنيا آءِ ??ي جي حوالي سان اسان طرف ڏسي رهي آهي جڏهن ته اسان آءِ ??ي سيڪٽر ۾ گهربل انگ ۾ نوجوانن کي ??ربيت نه ڏئي رهيا آهيون، ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي حالت کي ??دلائڻ ۽ ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ٿنڪ ٽينڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. هو گورنر هائوس لاهور ۾ يونيورسٽي آف لاهور جي سوشل سائنس ڊپارٽمينٽ فيڪلٽي ميمبرن ۽ پي ايڇ ڊي اسٽوڊنٽس سان ملاقات ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ريڪٽر يونيورسٽي آف لاهور ڊاڪٽر محمد اشرف ۽ هيڊ آف ٿنڪ ٽينڪ ڊاڪٽر رابعه اختر صدر کي يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته نئين نسل ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ استادن جو ڪردار تمام اهم آهي جيڪو آهستي آهستي قومن جا ڏينهن بدلائي ٿو، استاد ايند?? نسلن کي قائل ڪن ٿا جنهن سان قومن جي زندگي ۾ انقلاب اچي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ نوجوانن جو تمام وڏو انگ موجود آهي، جنهن مان رڳو 9 سيڪڙو ٻار انٽرميڊيئٽ کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا جڏهن ته 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اڃا به اسڪولن کان ٻاهر آهن، دنيا آءِ ??ي جي حوالي سان اسان طرف ڏسي رهي آهي جڏهن ته اسان آءِ ??ي سيڪٽر ۾ گهربل انگ ۾ نوجوانن کي ??ربيت نه ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي ??ڀ کان پهرين پنهنجون ڪمزوريون ختم ڪرڻو پونديون ته جيئن اسان دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ۽ اسان جي بهتر طريقي سان شنوائي ٿئي. هن چيو ته اسان کي ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي حالت کي ??دلائڻ جڏهن ته ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??نڪ ٽينڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر پي ايڇ ڊي شاگردن کي مخاطب ٿي چيو ته اسان جيڪا به ريسرچ ڪريون سڀني کان پهرين ڏسو ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو، ڇا پاڪستان ان مان فائدو کڻي سگهندو يا نه، پوءِ توهان جو ڪم ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته آءِ ??ي سيڪٽر دنيا ۾ سڀ کان تيز ترين ترقي جي ٽرين آهي جنهن تي سوار ٿي وڃو ته تيزي سان ترقي ڪندا، ان سلسلي ۾ پاڪستان فيصلاسازي جي حوالي سان تمام ڪمزور آهي جنهن ۾ تيزي آڻڻي پوندي ڇو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي ??نيا سان گڏجي هلڻ جي لاءِ ۽ ترقي جي منزل طئي ڪرڻ جي لاءِ اوپينيئن ميڪر، فيصلاسازي ۽ پارليامينٽرين جي ڪردار کي ??هميت ڏيڻي پوندي. بعد ۾ صدر کي ي??دگ??ري شيلڊ پڻ ڏني وئي.