اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ ??ئي?? جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لا??ِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ ع??ور?? سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ع??ور?? حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورتو آهي. ??ئي?? ۾ ع??ور?? سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون ??ئي?? جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي ??ئي?? ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لا??ِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ ??ئي?? جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ ان معاملي جو جائزو وٺي.