اسلام اباد- 11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي انساني حقن جي ??ائ??نسل جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق چيو آهي ته نو آبادياتي قانونن کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ ترميم جي ضرورت آهي، جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي پارلياماني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ب??او?? جو قانون ۽ سيڪريٽ ايڪٽ وغيره جهڙن ??وآبادياتي قانونن کي ختم نٿو ڪيو وڃي ته ان ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، کدڙن ??قيرن بابت قانون ۾ ترميم نه ٿيڻ گهرجي ۽ جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ گهرجي. حارث خليق چيو ته اسان کي پاڪستان جي 4 کان 5 سيڪڙو اقليتي برادري ۾ اضطراب پيدا نه ڪرڻ گهرجي.