اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل اقتصادي سروي ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان چيو ته مالي سال 2021ع جي هڪ سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مالي سال 22ع دوران صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. موجوده حڪومت مستقبل ۾ ڪورونا طرز تي ڪنهن به وبائي مرض ۽ ايمرجنسي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، جنهن تحت وبائي مرضن لاءِ هڪ مربوط نظام تحت ليبارٽريون جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سان صحت جي ڪيترن ئي م??ڪز?? ۽ اسپتالن کي شديد نقصان پهتو، حڪومت صحت جي متاثر م??ڪز?? جي بحاليءَ لاءِ پُرعزم آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت رپورٽ مطابق انهن م??ڪز?? جي تعمير لاءِ 40294 ملين رپيا يعني 187.6 ملين ڊالر گهربل آهن. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران اين ڊي ايم اي 20 لک 44 هزارن کان وڌيڪ مڇردانيون، 7300 هاءِ جين ڪٽس، 200126 کاڌي جا پئڪيٽ، 18860 شروعاتي طبي امداد لاءِ ڪٽس ۽ ٻئي ??ام??ن سميت زندگي بچائيندڙ 350 جيڪٽس به فراهم ڪيا آهن. ترڪيه ۽ شام جي زلزلي جي امداد لاءِ اين ڊي ايم اي طرفان 7376 ٽن ??ام??ن جنهن ۾ خيما، گرم ڪپ??ا، خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون.