پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جرمن چانسلر ا??لا?? شولز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ نئين عالمي مالياتي مع??هدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊي اونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جي ٻو?? متاثرين جي لاءِ امداد ۽ 163 ملين يورو جي مع??شي مع??ونت جي فراهمي تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چي?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 27 ملين يورو جي اضافي رقم ٻو?? متاثرين جي مدد ۽ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ استعمال ٿي. هن چي?? ته جرمني جي ت??قي کي سدائين هڪ مثال طور پيش ڪيو آهي، جرمني جهڙي طرح محنت سان پنهنجو مقام ٺاهيو آهي اهو اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهي، ذاتي طور تي جرمني جي ت??قي، جرمن قوم جي محنت ۽ عزم کي پسند ڪريان ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته موسمياتي ت??ديلي سان خطرن ۽ مع??شي دٻاءُ جهڙن مسئلن ۾ جرمني اسرندڙ ملڪن جو آواز بڻجندو، اسرندڙ ملڪن مان مالياتي دٻاءُ ۾ گهٽٽائي سان اتان جي عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جرمن ڪمپنين ۽ اين جي اوز جي خدمتن کي سارهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جرمني ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جرمن چانسلر وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي چي?? ته توهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن پاڪستانج ي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.