اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ??رب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پار??ن جاري بيان مجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪست??ن جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي سفير کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلم??ن جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ب??ين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سعودي سفير کي سعودي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪار?? سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سعودي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آ??ن. ??زيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلم??ن جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.