اسلام آباد_ 22 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي??را (ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز، ??ي ايف يو جي، پي ??ي اي، ايمنڊ?? سي ??ي اين اي ۽ ??ي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي آرا بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته مون کي خوشي آهي، ته قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پي??را (ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو آهي، اهو بل خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، ڪميٽي ميمبرن ۽ منهنجي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظوري ڏني، هن چيو ته پي??را بل کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صحيحن سان حتمي شڪل ڏني آهي، بل جي تياري ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته بل جو مقصد صحافين جي بهتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخلاقيات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آهي، جيئن دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ آهن.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي تياري لاءِ وسيع ش??اڪتي ۽ مشاورتي عمل جي تفصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.