اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يافته اڳوڻي ملازم جي پينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس رکڻ تي سزا ٻڌا??ي وئي هئي. صدر اي جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مير محمد قمبراڻي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ بند ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب مير محمد قمبراڻي (شڪايت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ??يس ۾ سزا ٻڌا??ي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪايت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت سخت پورهئي سان عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. بعد ۾ اي جي پي آر فوجداري ??يس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ کان ڏوهاري جي پينشن روڪي ڇڏي. شڪايت ڪندڙ پن??نجي پينشن جي بحالي جي لاءِ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ڏوهاري فيصلي جي خلاف وفاقي محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي جنهن کي اتان به رد ڪيو ويو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ صدر کي محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر پن??نجي فيصلي ۾ چيو ته اسپيشل جج ڪوئيٽا جي فيصلي موجب ڏوهاري جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس برآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪ??ي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ان کان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقب?? جو سٺو طرزعمل پينشن گرانٽ جي لازمي شرط آهي، جيڪڏهن پينشنر ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته حڪومت پينشن يا ان جي هڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صدر چيو ته ضابطي تحت پينشن جو پورو يا ڪو حصو روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صدر جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي لاءِ سرڪاري ملازم جي سڄي زندگي جو سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صدر چيو ته سول سروس ضابطي 351 تحت مير محمد قمبراڻي جي سزا جي تاريخ کان پينشن روڪي وڃي ٿي.