لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف)جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود کي ٽيليفون ڪري خار ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڌماڪي سبب قيمتي جانين جي نقصان تي دلي افسوس ٿيو آهي، اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم چيو ته جوابدارن کي سخ?? سزا ملندي، دهشتگردي جو خاتمو پوري قوم جو عهد آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي، وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبرپختونخوا س??ن پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڌماڪي جي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فر??هم?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شديد زخمين جي هيلي ڪاپٽرز ذريعي ٻين اسپتالن ۾ منتقلي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي جاچ ۽ ملوث ڌرين خلاف سخ?? قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.