اسلام ??باد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي لاءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه پاڪستان في??رل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪس ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ افضل بٽ، ارشد انصاري، ناز آفرين سهگل، سرمد علي، شهاب زبيري، شڪيل مسعود، اعجازالحق، ڪاظم خان، اياز خان ۽ اظهر عباس شامل هئا. صدر ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائڻ تي ميڊيا برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چي?? ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميديا ملازمن جي رهتن جي ادائيگي سان ڳنڍڻ سان ان??ن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. صدر وفد سان قانونسازي جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چي?? ته ترميمي بل موجوده ميڊيا قانون ۾ بهتري آندي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ميڊيا رضاڪاراڻي طور تي نوجوانن کي في?? نيوز، ڊس ان??ارميشن بابت آگاهه ڪري، نوجوان في?? نيوز سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ٻارن کي خاص طور تي في?? نيوز جي اثرن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته ميڊيا خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطا وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ميدان ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائين بابت شاگردن کي آگاهه ڪن. صدر معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چي?? ته ميديا جي نئين شڪلين خاص طور تي سوشل ميڊيا جي حرڪيات کي سمجهڻ گهرجي، ميڊيا جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ تعميري استعمال بابت ٻڌائي. وفد صدر کي نئين بل جي مختلف شقن بابت ٻڌايو. هن چي?? ته ترميمي بل سان صحافي برادري سان گڏوگڏ ميڊيا ملازمن کي فائدو ٿيندو. وفد صدر پاران حمايت، ميڊيا ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.