لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس دو??ان برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگ??ان پرڏيهي وزير ۽ لارڊ طارق احمد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻ??هي طرفن کان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق سان گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي ??عبي ۾ تعاون ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ لارڊ طارق احمد برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.