اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 آڪٽوب?? تي زوب بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نثار ??حمد جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. صدر چيو ته ميجر سيد علي رضا شاهه شهيد جهڙي بهادر انسان سان ماضي ۾ ملاقات منهنجي لاءِ فخر جو لمحو هو. صدر 28 سيپٽمب?? تي زوب ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار ??بدالستار ??ي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن کي وطن جي خاطر جان جو نذر??نو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، خاندانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.