اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن ??في??ر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن منظور سلهري جي قيادت ۾ ??بج?? (جاويد گروپ) سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن ??ان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن ??في??ر وفد کي يقين ڏياريو ته اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده درپيش ملڪي معاشي چئلينجز جي باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمر?? اعواڻ، ذيشان قيوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.