اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??ري?? بريفنگ ۾ چيو ??ه ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري رکيون آهن، آڪٽوبر ۾ قابض فوج 17 ڪشميرين کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪيو. ترجمان چيو ??ه ٻه سئو کان وڌيڪ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي تباهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ??ه اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ??ه تاريخ ثابت ڪيو ??هي ته انساني حقن جي مقامي حالتون ۽ انساني قانون جون منظم خلاف ورزيون ناقابل تصور سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ??ه عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هي?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙي طرح جي سانحي کي روڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري جيڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪن ٿيون.