اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني ۽ انس??ني حقن واري وزير خليل جارج غزه جي عوام جي لاءِ پاڪستان مان ام??ادي سامان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ام??ادي سامان جي روانگي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ اسلام آباد ۾ فلسطيني سفير احمد جواد ربيع، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني ان موقعي تي خطاب ڪندي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل پاران غزه ۾ گهيريل عورتن، ٻارن سميت شهرين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي غيرمتناسب ۽ انڌاڌنڌ استعمال جي مذمت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن انصاف ۽ انسانيت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني ام??اد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. کيپ ۾ صحت جي حفاظت واريون ڪٽس، دوائون ۽ فوڊ پ??ڪي??س شامل آهن. غزه جي عوام لاءِ پاڪستان مان ام??ادي سامان جي پهرين کيپ 19 آڪٽوبر 2023ع تي موڪلي وئي هئي.