اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ ??ي جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت آءِ ??ي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿار??ي جي ب??رڊ آف گورنرز جي پنجين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت م??جود آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ آءِ ??ي جي ترقي جي لاءِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي ماهرن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ضروري پاليسيون ٺاهيون وڃن. هن چيو ته حڪومت آءِ ??ي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي پڻ ٿي آهي. اجلاس اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿار??ي جي ب??رڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي جڏهن ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿار??ي جي ب??رڊ آف گورنرز جي بجيٽ ۽ فنانس، آڊٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس اٿار??ي جي لائيسنسنگ فريم ورڪ، اٿارٽي پروسيجرز ۽ فيس ريگيوليشنز جي مسودن کي ٽيڪنيڪل ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿار??ي جي حوالي سان مختلف معاملا بح?? هيٺ آيا. اجلاس ۾ ڪابينا جي ناڻي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارن وفاقي سيڪريٽريز، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين ب??رڊ ميمبرن شرڪت ڪئي.