اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ملڪ ۾ سي??پڪاري ??ي حوالي سان جاري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ سي??پڪاري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪميٽي انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي حڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪميٽي ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو مجموعي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏ??و. ??ميٽي ملڪ ۾ سي??پڪاري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪر??رن ??ي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سي??پڪاري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌ??رن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل، سمورين وزارتن، اد??رن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.