اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??مت??ز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فعال سفارتڪاري ۽ گهري ل??ڳا??ن جي هڪ حصي طور ڪيريبين ۾ سينٽ ڪيٽس اينڊ نيوس ۽ بحرالڪاهل مارشل آئي لينڊ سان باضابطا طور تي سفارتي ل??ڳا??ا ق??ئم ڪيا آهن. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجو سفارتي دائرو وسيع ڪندو رهندو ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائيندو رهندو. هن چيو ته اسان ننڍن جزيرن جي اسرندڙ رياستن تائين پهچ کي وڌائن جو ارادو رکون ٿا جيڪي گهڻ رخي سطح تي پاڪستان جي لاءِ اهم حصيدار آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ پالائو، ڪريباتي ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ سان سفارتي ل??ڳا??ا ق??ئم آهن.