اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پن??نجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ووٽ وجهڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ا??ڪس تي پن??نجو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندا چونڊڻ جي لاءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان جي راءِ گهري آهي، ووٽ وجهڻ توهان جي اسلامي، آئيني ۽ شهري ذميواري آهي، آئُون پن??نجي خاندان سان گڏ پن??نجي پولنگ اسٽيشن پهتس، لائين ۾ بيٺاسين ۽ ووٽ ڏنو. توهان سڀني کي به درخواست ??هي ته ٻاهر نڪرو ۽ پن??نجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو. اڄ پاڪستان کي توهان جي راءِ جي جيتري ضروري ??هي ايتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.