اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) چي?? اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري ??وم کي مبارڪ??ن ڏيندي چي?? آهي ته چونڊن جي پرامن منعقد ٿيڻ جهڙي اهم ترين قومي فرض ۽ آئيني ذميواري جي تڪميل ۾ ڪميشن جي سرخرو ٿيڻ تي الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چي?? اليڪشن ڪمشنر پاڪستاني عوام ۽ سمورن ادارن سميت قومي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، سياسي پارٽين، سيڪيورٽي ادارن، پوليس ۽ سول ايڊمنسٽريشن، پاڪستان آرم??، قومي ميڊيا، ووٽرز، رٽرننگ آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٻي پولنگ عملي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ساٿين ۽ پنهنجي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو جن جي ڏينهن رات جي محنت سان ان عظيم ذميواري جي تڪميل ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هن چي?? ته اڃان اسان پنهنجي ذميواري جو هڪ حصو مڪمل ڪيو آهي، پولنگ جي عمل جي تڪميل ٿي آهي ۽ هاڻي غير حتمي نتيجن جي تياري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، م??ن کي اميد ۽ اعتماد آهي ته اسان جا رٽرننگ آفيسر ان اهم ڪم جي تڪميل ۾ انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪندا ۽ نتيجن جي وقت سر تربيت ۽ فراهمي کي ممڪن بڻائيندا.