اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) م??مد نواز شريف جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ??چ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خواهشمند آهي. ان م??قع?? تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.