اسلام آباد?? 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جر??حي اوزارن، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آ??يو??ي ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آ??يو??ي ڪوسٽ سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوس??ي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري ??ي مبارڪباد پڻ ڏني.