اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي سهولت جو خيال رکندي شديد گرمي ۾ لوڊ مئنيجمينٽ جي صورتحال ۾ بهتري آندي وڃي، بجلي جي چوري ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي لوڊ مئنيجمينٽ ۽ بجلي چوري جي خلاف قدمن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وز??ر مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وز??ر اويس احمد خان لغاري، مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، واپڊا چيئرمين، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چ??ني صوبن جا چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وز??راعظم ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ عوام جي سهولت جو خيال رکندي شديد گرمي ۾ لوڊ مئنيجمينٽ جي صورتحال ۾ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته بجلي جي چوري ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، بجلي چوري جي خلاف مشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين ۽ بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، آئون ذاتي طور تي ب??لي چوري جي روڪٿام تي اڳڀرائي جو ماهوار جائزو وٺندس. وز??راعظم چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور مدد ڪن، قومي مفاد ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي اها گهرج آهي ته بجلي چوري جي خلاف سمورا حڪومتي ادارا پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪن. وز??راعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي اوور بلنگ قطعي طور تي نه ٿيڻ گهرجي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جو عم?? تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي سولرآئزيشن جي حوالي سان حڪمت عم??ي جلد کان جلد جوڙي وڃي. ان موقعي ي اجلاس کي ب??لي جي لوڊ مئنيجمينٽ ۽ بجلي چوري جي حوالي سان قدمن تي ب??يفنگ ڏني وئي. بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وز??ر ۽ پاور واري وفاقي وز??ر جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان متفقه حڪمت عم??ي تيار ڪئي وئي آهي، حڪمت عم??ي تحت خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي، رهتون نه ڏيندڙ بجلي جي بلن جي وصولي ۽ لائين لاسز ۾ گهٽتائي آندي ويندي، بجلي جي لوڊشيڊنگ اهڙن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي ج??ي ب??لي جي چوري ۽ لائين لاسز وڌيڪ آهن ۽ بلن جي ريڪوري تمام گهٽ آهي، ڏکڻ – اتر ٽرانسميشن لائين جي اپ گريڊيشن سان بجلي جي پهچ نظام ۾ بهتري ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام جي لاءِ صوبائي ۽ ڊويزن جي سطح تي ٽاسڪ فورسز قائم ڪيا پيا وڃن، ٽاسڪ فورسز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان هفتيوار جائزو ورتو ويندو.