بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناڻي واري وزير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري وزير پاڪ چين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص طور تي پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير پاڪس??ان ج?? معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي پاڪس??ان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چين جي پاڪس??ان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون ??رڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي پاڪس??ان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چين مان سيڙپڪاري کي پاڪس??ان جي ترجيح طور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شعبا شامل آهن.