راولپنڊي – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊ??ر، وفاقي گهرو وزير سيد م??سن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شر??ف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، وقتي صدر ڊاڪٽر محمد م??بر سان ملاقات ڪندو ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئي??ي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين جي 19 مئي تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت ڪندو.