اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان جي سمورن ملڪن سا?? پرامن، تعاون تي ٻڌل ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي عزم تي زور ڏنو آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي 51 هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي هن مڪالمي جي اهميت، بلاڪ جي سياست کان پاسو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري تي روشني وڌي. اسحاق ڊار اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن تي پاڪستان جي ڌيان تي زور ڏنو. هن چين سا?? پاڪستان جي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري، پاڙيسري ۽ وڏين طاقتن سا?? گهري لاڳاپن جي خواهش ۽ گهڻ رخي عزم تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏو مقصد علائقائي رابطن ۽ اقتصادي سلامتي کي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان ثابت قدم رهيو آه??. ه?? خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رابطن، مڪالمي ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏيندي هڪ گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف جي وڪالت ڪئي جيڪو سمورين قومن جي مفادن ۽ خواهشن جو احترام ڪر??. ه?? بلاڪ جي سياست جي پاڪستان پاران مخالفت جو ورجاءُ ڪيو، ڇڪتاڻ تي تعاون کي فوقيت ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي عزم جي توثيق ڪئ??. ه?? چيو ته اسان هڪ وڌندڙ هنگاماخيز ۽ خطرناڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، جنهن ۾ روايتي ۽ نوان سيڪيورٽي خطرا لاحق آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو موقف هڪ پرامن پاڙيسريت جي پاليسي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي تي آهي، جنهن ۾ امن ۽ ترقي جي وچ ۾ رابطي تي زور ڏنو ويو آه??. ه?? چيو ته پرامن، مستحڪم، متحد ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان انساني بحران کان بچڻ ۽ افغان عوام جي حمايت جي لاءِ افغانستان سا?? تعاون ڪيو آهي. پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان سرزمين ڪنهن به رياست جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي ۽ افغان عملدارن تي زور ڏنو ته اهي ان حوالي سا?? خدشا ختم ڪن. اسحاق ڊار چيو ته هڪ پرامن، مستحڪم افغانستان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر خوشحالي کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سا?? گڏيل احترام، خودمختياري برابري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي بنياد تي سٺي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ڪنهن به هڪطرفي موقف مڙهڻ جي ڪوششن کي رد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکنداسين ۽ نئين دهلي ۾ هندوتوا تي ٻڌل حڪومت پاران ڪنهن به غيرسوچيل سمجهيل فوجي ڪارروائي جو فيصلائتو جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڀارتي قبضي هيٺ غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪطرفي قدمن سا?? ٻطرفي لاڳاپن کي نقصان پهتو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻ??. ه?? ڀارت تي زور ڏنو ته هو رياستي سرپرستي ۾ پنهنجي دهشتگردي بند ڪري ۽ مثبت لاڳاپن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي غربت ۽ انساني ترقي جي درجابندي ۾ گهٽتائي کي ختم ڪرڻ گهرج??. ه?? چيو ته ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) هڪ ميمبر ملڪ جي هٺ ڌرمي جي ڪري تعطل جو شڪار آه??. ه?? چين سا?? پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي ان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم حيثيت تي زور ڏنو. چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پي اي سي) پاڪستان جي معيشت ۽ علائقائي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آه??. ه?? وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري ٻنهي ملڪن پاران ٻطرفن لاڳاپن ۽ سي پيڪ جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت جي توثيق ڪئي آه??. ه?? چيو ته سي پيڪ جي 10 شامل ڪرڻ تي پاڪستان صنعتڪاري، ڊيجيٽلائيزيشن، سبز قدمن، زراعت ۽ عوامي مٽاسٽا تي ڌيان ڏيندي ان جي اپ گريڊ ورزن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته چيني عملي ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سا?? پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائيندا رهندا. هن چيو ته پاڪستان ايران، نار ملڪن، ترڪيه، وچ ايشيائي رياستن ۽ آذربائيجان سا?? گهري حصيداري جو خواهشمند آهي، خصوصي سيڙپڪاري جي سهولت ڪائونسل جي ذريعي واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني ويند??. ه?? چيو ته آمريڪا سا?? مستحڪم لاڳاپن کي برقرار رکڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح روس، يورپي يونين، جاپان ۽ آسيان جه??ي وڏين طاقتن سا?? لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ به اهم آه??. ه?? وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اڳتي ميمبرشپ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ان کان اڳ آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ايمبيسڊر سهيل محمود اداري جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته ان عالمي حصيدارن سا?? تعاون وڌايو آهي. آءِ ايس ايس آءِ جولاءِ 2023ع کان جون 2024ع دوران 130 تقريبون منعقد ڪيون ۽ 150 کان وڌيڪ جاري ڪيل بريفس شايع ڪيا. ان کانسواءِ ٽي نوان ڪتاب ۽ ٽي خصوصي رپورٽون پڻ متعارف ڪرايون پيون وڃن.