اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وف??قي ڪابينا کي پنهنجي چين جي تازي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته دوري دوران سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪ چين تعاو?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ جلد هڪ اعليٰ سطحي چيني عملدارن جو وف?? پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي پنهنجي چين جي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته دوري دوران شينزن ۾ پاڪستان چين بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ هزار کان وڌيڪ بي ٽو بي ملاقاتون ٿيون، چين جي زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ترقي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت هڪ هزار نوجوان?? کي ان شعبي ۾ پ??شي??اراڻي تربيت جي لاءِ چين موڪليندي جڏهن ته ناليواري چيني ڪمپني هواوي هر سال 2 لک پاڪستاني نوجوان?? کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ فني ۽ پ??شي??اراڻي تربيت فراهم ڪندي. وزيراعظم ڪابينا کي چين جي اعليٰ قيادت بشمول چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتن ۽ انهن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي مثبت اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. بيان موجب وف??قي ڪابينا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سفارش تي نيشنل اسڪول فار پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز ۾ نجي ۽ تعليمي شعبي مان ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد جي لاءِ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس (اين سي ايڇ آر) جي ميمبر جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻ ۽ ا?? کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي ڊيجيٽل نيشن پاڪستان اي??ٽ 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي ان تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ضروري نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايڪٽ تحت نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن (اين ڊي سي) ۽ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي (پي ڊي اي) جوڙي ويندي. ايڪٽ تحت پاڪستان جي معيشت جي ڊيجيٽائزيشن ۽ پيپر ليس گورننس جي هدف کي حاصل ڪري سگهبو. بل تحت نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن پاليسي ساز ادارو هوندو جيڪو وف??قي ۽ صوبائي ميمبرن تي ٻڌل هوندو ۽ ان جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڊيجيٽل پاڪستان جي مقصد?? کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي ويندي جيڪو هڪ ڪارپوريٽ ادارو هوندو ۽ جنهن وٽ مالي ۽ انتظامي اختيار هوندا. ايڪٽ جو مقصد پاڪستان جي معيشت، گورننس ۽ سروسز کي عالمي سطح تي لاڳو جديد ڊيجيٽل نظام سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. وف??قي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ثالثي قانون (دي آربيٽريشن بل 2024ع) جي مسودي تي ضروري قانونسازي جي اصولي منظوري ڏني. ڪابينا ان حوالي سان آئين جي شق 144 تحت صوبن سان مشاورت جي پڻ منظوري ڏني. وف??قي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي قومي احتساب بيورو ۽ سريلنڪا جي اداري ڪميشن ٽو انويسٽيگيٽ ايلي گيشنز آف برائبري/ ڪرپشن (سي آءِ اي بي او سي) جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت تحت دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي حيثيت سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رشوت ۽ رقم جي غيرقانوني پهچ جي خاتمي لاءِ تعاو?? کي فروغ ملندو. بيان موجب وف??قي ڪابينا سرڪاري ملڪيتي ادارن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جي 13 ۽ 20 مئي 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وف??قي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 23 ۽ 27 مئي 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. وف??قي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 5 جون 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.