اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪاري جي ??عبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي اتفاق راءِ سان هر سال 24 جون تي سفارتڪاري ۾ عورتن جي ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نائب وزيراعظم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ملڪ جي ??اريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪاري جي ميدان ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شا??سته اڪرام الله، محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عورت سارتڪارن جي لاءِ راهه هموار ڪئي جيڪي عالمي سطح تي وقار سان گڏ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيون آهن. نائب وزيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انهن جي ??دمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.