اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مان پ??لي??جي مڪمل خاتمي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جا چئلينجز آهن ??تي هر ٻار کي پ??لي?? ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پ??لي?? جي خاتمي جي قومي ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو قومي صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وزيراعظم جي پ??لي?? جي خاتمي واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر نديم محمود ۽ پ??لي?? جي خاتمي وارو نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي محنت حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پ??لي?? جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان انهن ٻن ملڪن مان هڪ آهي جتي پ??لي?? جو چئلينج موجود آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي پ??لي?? جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ۽ کيس پ??لي?? جي خاتمي جي حوالي سان ٻئين، چوٿين ۽ ڇهين مهيني جي پلان جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ هيستائين سڄي ملڪ مان رپورٽ ٿيل پ??لي?? ڪيسز جو انگ 9 ٿي چڪو آهي، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پ??لي?? ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اهڙا ٻار جيڪي پ??لي?? ويڪسين پيئڻ کان محروم رهجي ويا، انهن جي ڊيٽا کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن ڊيجيٽل ٽريڪنگ جي مدد سان انهن جي ويڪسي نيشن ڪئي وڃي.