لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گ??لاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ آفيس (ايف سي ڊي او) ۾ برطانيا جي پارلياماني ميمبر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مملڪتي وزير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري ت?? مبارڪون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪ??و. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ت?? پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گ??لاني برطانيا سان اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ است??ڪا?? لاءِ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حل جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين غزه جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪ??دي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي حل تي زور ڀريو. برطانوي مملڪتي وزير هميش فالڪنز ايف سي ڊي او جي دوري ت?? سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪ??دي پاڪستان ۽ برطانيا جي شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن 2010ع ۾ ملتان ۾ آيل ٻوڏ جي موقعي ت?? پنهنجي دوري کي پڻ ياد ڪيو.