ڪوئيٽا-08 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گوادر ۾ بلوچ يڪجه??ي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مسئلي جي جلد لاءِ پرُاميد آهيون، چمن مسئلي جي حل لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي عملدرآمد لاءِ چمن جي شهرين کي پهريون ڀير?? مفت پاسپورٽ ڏنو ويندو. اهڙو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلوچ يڪجه??ي ڪميٽي سان پهرين ڏينهن کان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هاڻ به ڳالهين جو مرحلو هلي رهيو آهي، صوبائي حڪومت ان ڳالهه تي قائل آهي، آئين پاڪستان جي اندر رهندي جمهوري جدوجهد ڪ??دڙ?? سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچ يڪجه??ي ڪميٽي جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته گوادر ڌرڻي جي شرڪت ڪ??دڙ?? سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن جلد ڳالهين ذريعي مسئلي جو ح?? ڪڍيو ويندو