اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي ??ي ڪچي جي ڌاڙيلن جي حملي ??ي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪا??ن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. صدر واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد پوليس اهلڪا??ن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.