اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيوآهي، ته خواندگي هڪ بنيادي انساني ۽ آئيني حق آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي ملڪ جي مستقبل جي ضمانت آهن، خواندگي رڳو پڙهڻ لکڻ جي صلاحيت نه، اهو بااختيار بڻائڻ، اقتصادي موقعن ۽ معاشري ۾ فعال شرڪت جو هڪ گيٽ وي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ طرفا?? جاري خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنه??جي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته خواندگي هڪ بنيادي انساني ۽ آئيني حق آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي ملڪ جي مستقبل جي ضمانت آهن، خواندگي رڳو پڙهڻ لکڻ جي صلاحيت نه پر اهو بااختيار بڻائڻ، اقتصادي موقعن ۽ معاشري ۾ فعال شرڪت جو هڪ گيٽ وي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان تعليم جي ا??جن??ا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنه??جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. هڪ وڌيڪ باخبر ۽ جٽادار قوم لاءِ ڪوششن ۾ آهيون. وزيراعظم چيو ته تعليم اسان جي معاشري جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، ان مقصد لاءِ اسان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي شاگردن جي داخلا جي مهم شروع ڪئي آهي ۽ ??سڪ??لن م ٻارن کي منجهند جي ماني ڏيڻ شروع ڪئي آهي. ??سڪ??ل ڇڏڻ جي شرح کي گهٽائڻ ۽ هر ٻار کي پنه??جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ وظيفا ۽ ٻيون مراعتون پڻ متعارف ڪرايون آهن، وزيراعظم چيو ته تيزي سان اڀرندڙ دنيا ۾ ٽيڪنالاجي مطابق خواندگي۽ مهارتن جي ترقي اڻٽر آهي، حڪومت هڪ جامع منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن سان ٽيڪنالاجي اسان جي تعليمي نظام ۾ ضم ٿي ويندي، ان ڳالهه جو مقصد ان کي يقيني بڻائڻ آهي ته اسا?? جا نوجوان ڊجيٽل معيشت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لاءِ ضروري مهارتن سان ليس هجن، ??جي شعبي ۽ سول سوسائٽي جون تنظيمون حڪومت جي انهن ڪوششن ۾ برابر جون شراڪتدار آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اثرائتي شراڪتداري قائم ڪري، اسان تعليم کي روزگار ۽ پاڻ ڀري روزگار جي موقعن سان ڳنڍي سگهون ٿا، جنهن سان هڪ وڌيڪ مضبوط ?? جامع افرادي قوت پيدا ٿي سگهي ٿي. اچو سڀني لاءِ خواندگي ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قوم جي حيثيت سان گڏجي ڪم ڪيون، پنه??جي ٻارن ۽ پنه??جي ملڪ جو مستقبل روشن بڻايون.