اسلام آباد-09 س??پٽمبر (اي پي پي) وفا??ي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين سبب روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهي مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي نجي ش??بي ۾ قرضن جي گهٽتائي ۽ قرضن ۾ واڌ جي مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن جي طريقيڪار جي حوالي سان رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي ناڻي واري وزير چيو ته ايوان ۾ جلد معاشي منصوبو پيش ڪندس، روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام بنياد آهي، ماضيءَ ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ ۾ دير ڪئي وئي جنهن سان نقصان ٿيو، نجي ش??بي جا قرض 470 ارب رپين کان وڌيڪ آهن، مالياتي نظم ۽ نسق ضروري آهي، پنهنجن خرچن کي گهٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، نجي ش??بي کي اڳيان اچڻو پوندو، اسان نجي ش??بي کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين. آءِ ٽي ش??بي جو بجيٽ وڌايو ويو آهي. زراعت ۽ ايس ايم ايز جي ش??بن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم شروع ڪيو آهي، ٽيڪسن جي وصولين جو طريقيڪار آسان ۽ سادو هئڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني مداخلت ۾ آساني ۽ صارفين کي سهولت حاصل ٿيندي، ملڪ عطين تي نٿو هلي سگهي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اهو آخري پروگرام هوندو، اسان کي ڍانچه جاتي سڌارا آڻڻا پوندا، ??وانائي جي ش??بي ۾ سڌارن سان اڳتي وڌي سگهون ٿا، ??رڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن جنهن لاءِ اسان پُرعزم آهيون.