ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچس??ان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ د??اع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي ??سان ج?? فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن ج?? دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪس??ان جي وجود کان وٺي اڄ تائين اسان ج?? بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن ج?? ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي عظيم شهيدن ج?? قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف صوبي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ??ندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچس??ان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، صوبائي ??ڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن ج?? تعاون سان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ د??شتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. وڏي وزير يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.