اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيوآهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو قوم لاءِ آزمائش هئي. قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. ان جو مثال نٿو ملي . گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب 8 آڪٽوبر جي ز??زلي جي يا?? جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو. سڄي قوم 8 آڪٽوبر ج?? قدرتي آفت دوران وڇڙي ويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر ج?? شريڪ آهي . سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 8 آڪٽوبر جي ز??زلي دوران سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته ملڪي عوام جي ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرن کي نئين سر پنهنج?? پيرن تي بيهڻ لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو. ان قدرتي آفت دوران آزاد ڪشمير ۽ اترئين علائقن جا اٽڪل 80 هزار کان به وڌيڪ ماڻهون شهيد ۽ بي گهر ٿيا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان وقت متاثرين جي بحالي هڪ مشڪل مرحلو هيو پر قومي اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان بحالي جو اهو مشڪل ڪم ممڪن ٿيو.سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ به قوم کي 8 آڪٽوبر جي ز??زلي کانپوءِ واري اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. اهڙي طرح پاڻ ۾ اختلافن کي وساري ملڪ کي درپيش چيلنجن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرائي سگهجي ٿو. سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني 8 آڪٽوبر 2005 ع جي ز??زلي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ کي اهڙين آفتن مان محفوظ رکڻ جي دعا پڻ ڪئي.