نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن نيويارڪ پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي دوري دوران وزيراعظم س??ن گڏ آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دور??ن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان س??ن گڏوگڏ وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس جي ڊي موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان هاءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمنڊ سان امڪانن خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ آمريڪا – پاڪست??ن بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستاني بينڪرز سان ملاقات پڻ ڪندو ۽ انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ، يورپيئن ڪميشن جي صدر ارسلاوون ڊرليئن سان ملاقاتن س??ن گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عالمي م??لياتي فنڊ جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪندو جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿيندي. وزيراعظم دوست ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، برونائي دارالسلام جي س??طا?? ح??ن البلقيه پار??ن برونائي جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پار??ن بنگلاديش جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل ملڪن جي م??ئلن، پاڪستان جي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قربانين، عالمي م??اشي نظام ۽ قرضي ملڪن جي م??ئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ جي حوالي سان آواز اٿاريندو.