نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، ايران ۽ روس افغانستان جي سرزمين تان ??يدا ٿيل سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اف??ان عب??ري حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو دهشتگرد?? خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري، اف??ان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ??اهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، چين، ايران ۽ روس جي گروپ جو ٽيون وزارتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان جي سرزمين تان ??يدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اف??ان عب??ري حڪومت تي زور ڀريو ته هو دهشتگرد?? خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري ۽ اف??ان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ??اهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. اجلاس ۾ افغانستان سان رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو ۽ افغانستان جي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ان جي مختلف چئلينجز کي جامع ??ند??ز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ چئني ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ زور ڀريو ويو.