اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي س??ڙپڪاري تي اهم بريڪ ٿرو ٿيو جنهن تحت اهم شعبن ۾ ايم او ??وز تي صحي??يو?? ڪيون ويون. روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪاروباري سرگرميون ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن روس ۾ پاڪ – روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ف??رم ۾ ايم او ??و تي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته روس جي دور?? جو مقصد ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن کي ڳنڍڻ آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مفاهمت وارن يادداشت نامن تي صحي??يو?? سٺو سنئوڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي روس جي واپار بابت ڊپٽي وزير اليڪسي گروز ديو چيو ته پاڪ – روس بزنس فورم ترق?? جون نيون راهون هموار ڪندو. ايم او ??و جي تقريب ۾ روس ۾ پاڪستان جي س??ير خالد جمالي، روس ۽ پاڪستان جي س??نيٽرن سميت ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي.