اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه ??ي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي را??طن تي روشني وڌي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير محمد توحيد حسين پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊائيلاگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ را??طن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين مختلف گهڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.