اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڄمون ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي قبضي جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪش??يري ع??ام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. ترجمان ان اهم موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪش??يري ع??ام جي خود اراديت واري حق لاءِ ڪش??يري ع??ام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا آهن جن ۾ غير قانوني والاريل ڄمون ڪش??ير جي موجوده صورتحال کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ عالمي قدمن تي زور ڀريو جنهن ۾ ڪش??يري سياسي قيدين ۽ مخالفن جي آزادي به شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشنز کي ڄمون ڪش??ير تڪرار جي گهڻ رخي قانوني، سلامتي ۽ انساني حقن جي رخن بابت بريف ڪيو، جنهن ذريعي ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي حل لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو. يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ ڪانسٽيٽيوشن اوينيو کان ڊي چوڪ تائين يڪجهتي واڪ منعقد ڪيو ويو جنهن جي قيادت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪئي. سڄي پاڪستان ۾ ڪش??يرين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ عوامي ريليون، سيمينارز ۽ تصويري نمائشن سميت تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ڄمون ڪش??ير تڪرار بابت عالمي سطح تي ??عو?? اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جي ميزباني ڪئي.